SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تڪرار بابت تحقيق


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تڪرار بابت تحقيق

Conflict Research

ڪانفلڪٽ ريسرچ

هي هڪ علمي اڀياس جو قسم آهي، جنهن مطابق تڪرار هڪ ترتيب ڏنل سرشتو آهي، جيڪو ٻين سڀني موضوعن ۽ روين ۾ به موجود آهي. تنهنڪري اهو ممڪن آهي ته مُختلف مضمونن، خيالن ۽ تحقيقي طريقن منجهان اخذ ڪيل نتيجن کي هن اڀياس سان سلهاڙي، بين الاقوامي لاڳاپن ۾ اهم پيش رفت ڪري سگهجي. هن اڀياس جا تصور، نظريا ۽ رايا هر سطح تي آزمايا ويا آهن. اهڙي طرح هي اڀياس دراصل مُختلف موضوعن ۽ مضمونن جي ملائڻ جو هڪ نادر نمونو آهي. ”سيڪيورٽي اڀياس“ يا ”امن اڀياس“ جي اُبتڙ هن قسم جو اڀياس ڪنهن به قسم جي تشدد يا جنگ بابت اڳواٽ هاڪاري يا ناڪاري يا فڪري لاڳاپا طئي ڪرڻ کان پرهيز ڪري ٿو. هي اڀياس ڪن موقعن تي Pluralism واري نظريي جي آڌار تي، پاڻ کي روايتي رياستي آشيرواد کان پري ڪري ٿو، تنهنڪري پاڻ کي ”جنگي مطالعي“ واري ميدان کان جُدا ڪري ٿو بيهاري. ان صورت ۾ اهو ”امن جي اڀياس“ واري موضوع سان ويجهو لڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي اڀياس دُنيا ۾ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ عمل جوڳا طريقا تجويز ڪري ٿو.


Remember Me Also:

بالائي آمدني

ث. مقرر پيدائش کان وڌيڪ آمدني.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal